in the future - u will be able to do some more stuff here,,,!! like pat catgirl- i mean um yeah... for now u can only see others's posts :c
تَان جي هوتَ نه ڪَنِ، جو تُون پَسِي سَڱُ سَرَهِي ٿِي،
ڪوڙِيين ڪُٺِيُون ڪَيتِريُون، ٻَانِهيُون ٻَاروچَنِ،
سَنديِ ذَاتِ جَتَنِ، آهي اَٻَاجِهي گهَڻُو.
0 - 0
هي جي ڏوڻ ڏجاڻيون، سي الله ڪيم اچن،
منهن تي مٺيون چٺيون، پرپٺ پچارون ڪن،
تن ڪاپائتين، جيڏيون مون سين جاڙ ڪي۔ 🌺
0 - 0
ڳالھين ڳوٺن جون....
ننڍي ھوندي مطلب جڏھن پٽيءَ ۾ ھئاسين تھ بچل راڄڙ (بچو رَستي) پرائمري اسڪول ۾ پڙھڻ ويندا ھئاسين، اھا بعد ۾ قسمت کٽي جو ڪراچي مان پرائمري پاس ڪئي سين مان سوچيان ٿو جيڪري اتي رھي پڙھجي ھان! يا تھ مھار ٿي وڃان يا پوءِ ڪنھن ھوٽل تي بيرو ھجان جتي! سڄو ڏينھن پيا ماڻھو گڏيون ھڻن ھان! ۽ مان انھن کي ھڻان ھان! (سچ اھو ئي آھي)، پري ھت اچي پڙھي لکي نوڪري سان لڳي وياسين ادا ڪھڙي شعبي ۾ آھين ادا! انڪم ٽيڪس! وڃ انڪم ٽيڪ پوئي تھ وڏو پئسو ھوندو تو وٽ! جيڪڏھن پڙھيل لکيل نھ ھجون ھان تھ غربت جي حائي ۾ ھجون ھان! ۽ پڙھي لکي گورنمينٽ جا ملازم تھ ٿي ويا آھيون، پر اڇن، صاف سٿرن ڪاٽن جي ڪپڙن ۾ اھو رڍون آھيون جيڪي ان ٻارواري (ھوٽل تي) کان لک گناھ ملڪ ۽ قوم لاءِ ھاڃيڪار آھيون! مون پنھنجي آس صرف انھن ماڻھن کي ڏٺو آھي جيڪي صرف چوندا آھن تھ ڏي ! وٺڻ جي ڳالھ نھ ڪر!
بحرحال ھتي مونکي ٻي ڳالھ ڪرڻي ھئي يعني پنھنجي ننڍپڻ جي! ڳوٺ کان اوڀر طرف اسان جو مين روڊ ھوندو ھو جيڪو ڏکڻ طرف ڍليار ڏي ويندو ھو ۽ اتر طرف کپري شھر ڏي ويندو، بچو وارو اسڪول اتر طرف ڇنڊڻ موريءَ کان پوءِ ايندو ھو! اسان جو بھ ولر ھوندو ھو، حاڪم، جلال، ڦُل، يوسف، حسنھ، ٻھ ٽي ڳوٺ جا ڀيل ۽ اوڏ، سميجا، ساگھاڙو گاڏي ۾ چڙھندا ھئاسين ۽ بچو رستي تي لھندا ھئاسين... ھڪ ھڪ دفعي ائين اسڪول وياسين رَستيءَ تي لھڻ کانپوءِ ڳچ پنڌ ڳوٺ جي طرف پنڌ ڪري اسڪول پھچندا ھئاسين.... ائين پھتاسين ۽ پنڌ پئي وياسين .... ان وقت ڪو اھو رستو ٺھي رھيو ھيو ۽ پٿر ۽ وڏا وڏا ڪارا دٻا لٿل ھئا.... تھ اچانڪ منھنجي نظر ان ڊامر تي پئي! تھ ھٿ ۾ کڻي ڏٺم! تھ محسوس ڪيم تھ ھي ڪا شيءِ آھي جيڪا چُپڪائڻ جي ڪم ايندي آھي، ان وقت ٻُڪ ڀري ڪري پنھنجي پاسي واري گيدي ۾ رکي ڇڏيم! ۽ دل ۾ اھو سوچيم تھ امان ڦاٽل پئسن کي پاڻ ۾ ان سان جوڙيندي(ماسوميت).... وقت گذريو يارھن کان ٻارھن ٿيا تھ مونکي تڪليف محسوس ٿيڻ لڳي يا روئڻ لڳم! مونکي ياد آھي تھ اسان جي سائين! ھڪڙي استاد منھنجي خيصو ڏٺئين تھ پوءِ ان اھو ڊامر ڪڍي ڪري اڇلي ڇڏيو ۽ اسان کي موڪل ڏنئين.... ٻين ٽين بجي ڌاري امان مونکي واٽر تي وڃي ڪري وھجھاريو ھيو.....
اھا ماسوميت لک دفعا چڱي ھئي .... ھن ھلندڙ دغائي دور کان... ڪاشي ماڻھو سڄي زندگي ٻار ھجي!
عبدالحڪيم راڄڙ
ڳوٺ چؤرو
ڍليار (سچل ڳوٺ ڪراچي)
2 - 0
ايف بي آر جي متعلق معلومات
نئين اين ٽي اين (ايف بي آر رجسٽريشن) لاءِ ھيٺين ڪاغذن جي ضرورت پوندي آھي (پگھاردار شخص....)
1. شناختي ڪارڊ جي ڪاپي
2. اي ميل ائڊريس (جيڪا استعمال ۾ ھجي)
3. موبائل نمبر (جيڪو پي ٽي اي کان رجسٽرڊ ٿيل ھجي.)
4. ۽ جنھن سال جي رِٽرن ھوندي ان سال جا سالانھ وڌ ھولڊنگ سرٽيفيڪيٽ ھجڻ لازمي آھي....
*a.* موبائل سرٽيفيڪيٽ
*b.* پگھاردار جو سال وارو سرٽيفيڪٽ
*c.* يا ٻيو ڪو سرٽيفيڪيٽ جنھن ۾ ان جو ٽيڪس وغيرھ انھيءَ سال ۾ پياريل ھجي.
ايمان راڄڙ ڪنسلٽينسي
03092425198
*سچل ڳوٺ ڪراچي*
Note: This information only pertains to Salary Person!
2 - 0
❤صبح جي شروعات لطيف سرڪار جي هن بيت سان ؛ 🌺
سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيء هس،🍀
پسڻ ڪارڻ پرينء جي، وڏا ڪئائون وس،🍁
ڍول تني جي گس، هيٺاهيون هلن جي۔ 💝
6 - 0
💓سانئيم ! ســـدائــيـــن ڪــريـــن مــٿــي ســنــڌ ســڪار،
دوست! مــٺــا دلــدار ! عــالــم ســڀ آبــاد ڪـــــريــــن.
شاھ رحه ❤
.Ahr~rajar is the channel of information; culture, folk Literature, as well as the computer basic knowledge and gaming.
अब्दुल हकीम रजार
लोक-साहित्य
ग्रामीण जीवन
अहर~राजार
सिंधी मोलूद
سنڌي مولود
سنڌي لوڪ داستان
سنڌي ادب
Literature
@Ahr~rajar
www.facebook.com/profile.php?id=100083962371192&am…